ٽوڪيو/ڪوالالمپور(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو روانو ٿي ويو آهي، جتي هو جاپان جي بادشاهه نارويتو ۽ نئين چونڊيل وزيراعظم سانائي تاڪائچي سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سندس اهو دورو ايشيا ۾ واپاري معاهدن، سيڙپڪاري ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي مقصد لاءِ ڪيو پيو وڃي. آمريڪي صدر پنهنجي روانگي کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي لکيو ته ملائشيا …
ڊونلڊ ٽرمپ واپاري ۽ دفاعي ڳالهين لاءِ ٽوڪيو روانو، چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات متوقع
ٽوڪيو/ڪوالالمپور(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو روانو ٿي ويو آهي، جتي هو جاپان جي بادشاهه نارويتو ۽ نئين چونڊيل وزيراعظم سانائي تاڪائچي سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سندس اهو دورو ايشيا ۾ واپاري معاهدن، سيڙپڪاري ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي مقصد لاءِ ڪيو پيو وڃي. آمريڪي صدر پنهنجي روانگي کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي لکيو ته ملائشيا جو ڪامياب دور مڪمل ڪيو، وڏا واپاري ۽ ناياب معدنياتي معاهدا طئي ٿيا ۽ سڀ کان وڌيڪ ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ امن معاهدي تي صحيحيون ٿيون، هاڻي جاپان لاءِ روانو ٿي ويو آهيان. صدر ٽرمپ جو دورو ڏکڻ ڪوريا ۾ صدر شي جن پنگ سان امڪاني ملاقات تي ختم ٿيندو. ٻئي اڳواڻ وڏين معيشتن وچ ۾ امڪاني واپاري تڪرار کي ٻيهر ڀڙڪڻ کان روڪڻ لاءِ ڳالهيون ڪندا.








