ارجنٽينا ۾ بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 13 ماڻهو اجل جو شڪار، 30 کان وڌيڪ زخمي

بيونس آئرس - 27 آڪٽوبر(اي پي پي) ارجنٽينا ۾ مسافر بس  ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق ارجنٽينا جي اتر اوڀر صوبي ميسيونيس ۾ مسافر بس  ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين مطابق اهو حادثو صبح جو 4 لڳي 30 …

بيونس آئرس – 27 آڪٽوبر(اي پي پي) ارجنٽينا ۾ مسافر بس  ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق ارجنٽينا جي اتر اوڀر صوبي ميسيونيس ۾ مسافر بس  ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين مطابق اهو حادثو صبح جو 4 لڳي 30 منٽن  تي شديد ڪوهيڙي دوران هڪ پل تي پيش آيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ بس جيڪا شهراوبراه کان پورٽواگوازو وڃي رهي هئي پل تان هيٺ هڪ ندي ۾ وڃي ڪري. صوبائي حڪومت جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثو نيشنل روٽ تي پيش آيو بس ۾ اٽڪل 50 مسافر سوار هئا. صوبائي صحت واري وزير مطابق حادثي بعد 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته حادثي جي جاچ جاري آهي.

مزید خبریں