دبئي ۾ 6 لک درهم جي چوري جا جوابدار 2 ڪلاڪن اندر گرفتار

دبئي-27 آڪٽوبر(اي پي پي)دبئي پوليس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 2 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 6 لک 60 هزار درهم جي چوري ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن کي دبئي انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان ان وقت پڪڙيو ويو جڏهن هو امارات مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.دبئي پوليس جي بيان مطابق جوابدارن هڪ سپر اسٽور ۾ چوري جو منصوبو بڻايو. اها واردات پهريان کان منصوبه …

دبئي-27 آڪٽوبر(اي پي پي)دبئي پوليس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 2 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 6 لک 60 هزار درهم جي چوري ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن کي دبئي انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان ان وقت پڪڙيو ويو جڏهن هو امارات مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.دبئي پوليس جي بيان مطابق جوابدارن هڪ سپر اسٽور ۾ چوري جو منصوبو بڻايو. اها واردات پهريان کان منصوبه بندي تحت ڪئي وئي. رات جو دير سان تيز اوزار جي مدد سان سپر مارڪيٽ جي پوئين دروازي کي ڪاٽي ڪري چور سپر مارڪيٽ اندر داخل ٿيا. جن روڪ رقم جا باڪس ٽوڙي 60 هزار درهم چوري ڪيا بعد ۾ وڏو سيف کولي وڌيڪ 6 لک درهم کڻي فرار ٿيا. ايندڙ صبح جو واردات بابت ان وقت پتو پيو جڏهن سپر اسٽور جي ملازمن دروازو ٽٽل حالت ۾ ڏٺو ۽ ان جو اطلاع پوليس کي ڏنو. جنهن بعد ڊيوٽي آفيسر، فرانزڪ ماهرن ۽ سي ڊي آئي جاچ ڪندڙن تي ٻڌل ٽيم موقعي تي پهچي وئي ۽ شاهدين جو جائزو ورتو. پوليس مطابق جيتوڻيڪ جوابدارن ماسڪ پائي پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس آفيسر جوابدارن جي چرپر کي ٽريس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.