واشنگٽن- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد انٽرنيشل فورس جنگ بندي کانپوءِ صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ غزه ۾ مقرر ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مارڪو روبيو جيڪو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وانس جي اسرائيل جي دوري کانپوءِ تل ابيب پهتو آهي ته جيئن اهي سموريون ڪوششون ڪري سگهجن جيڪي صدر ٽرمپ جي 20 نقاطي امن منصوبي تحت ٿيندڙ جنگ …
غزه ۾ عالمي فورس جي جلد مقرري جو امڪان آهي: آمريڪا
واشنگٽن- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد انٽرنيشل فورس جنگ بندي کانپوءِ صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ غزه ۾ مقرر ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مارڪو روبيو جيڪو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وانس جي اسرائيل جي دوري کانپوءِ تل ابيب پهتو آهي ته جيئن اهي سموريون ڪوششون ڪري سگهجن جيڪي صدر ٽرمپ جي 20 نقاطي امن منصوبي تحت ٿيندڙ جنگ بندي کي تقويت ڏئي سگهن ۽ اسرائيل کي اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کان روڪي سگهن، جيڪا جنگ بندي کي خطري ۾ وجهي. آمريڪي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته پائيدار امن قائم ٿيندو ۽ 2 سال تائين جاري رهندڙ جنگ سان شهرين کي جنگ کانپوءِ هاڻي سڪون ملندو. هن اها به اميد ظاهر ڪئي ته جلد عالمي فوج به مقرر ٿي ويندي. هن تصديق ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي فوج غزه ۾ مقرري تي اسرائيل کي اعتراض هوندو ته اهو ويٽو جو حق استعمال ڪري سگهندو.








