سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي خلاف جدوجهد جي پهرين صف ۾ آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي خلاف جدوجهد جي پهرين صف ۾ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ اسان سڀني جي قومي ذميواري آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکو …

ڪراچي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي خلاف جدوجهد جي پهرين صف ۾ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ اسان سڀني جي قومي ذميواري آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکو ۽ معذوري کان بچايو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پوليو خلاف مهم اثرائتي نموني سان جاري آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن سان گڏجي پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن تائين پوليو ٽيمون پهچائيون ويون آهن. هن چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو اسان جي گڏيل ڪاميابي هوندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو ورڪر قوم جا حقيقي هيروز آهن ۽ سنڌ ۾ سرويلينس سسٽم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي ته جيئن هر ڪيس جي سڃاڻپ تڪڙي طريقي سان ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ آگاهي کانسواءِ پوليو جو خاتمو ممڪن ناهي. سنڌ حڪومت عالمي معيار جي ويڪسين سروسز مهيا ڪري رهي آهي ۽ عالمي ادارن جو سهڪار ساراهه جوڳو آھي. وڏي وزير چيو ته پوليو کان پاڪ سنڌ اسان جو هدف آهي ۽ هن مقصد لاءِ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں