عوامي شعور ۽ معلوماتي شفافيت پائيدار ترقي جو بنياد آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترقياتي آگاھيءَ جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عوامي شعور ۽ معلوماتي شفافيت پائيدار ترقي جو بنياد آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال سنڌ جي ضمانت آهي. هن چيو ته ترقيءَ جو حقيقي مقصد عام ماڻهو جي زندگي ۾ …

ڪراچي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترقياتي آگاھيءَ جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عوامي شعور ۽ معلوماتي شفافيت پائيدار ترقي جو بنياد آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال سنڌ جي ضمانت آهي. هن چيو ته ترقيءَ جو حقيقي مقصد عام ماڻهو جي زندگي ۾ سڌارو آڻڻ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ غربت جي خاتمي ۽ ڊجيٽل ترقيءَ جون رٿائون جاري آهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي ترقي جو مرڪز نوجوان نسل آهي ۽ سنڌ حڪومت انهن کي علم ۽ ٽيڪنالاجي سان مضبوط بڻائي رهي آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي "مائينڊز اوور اي آئي ” جي اصول تي عمل ڪرڻو پوندو، يعني انسان جي سوچ، اخلاق ۽ فيصلا ٽيڪنالاجي کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته مصنوعي ذهانت  جي دور ۾ ميڊيا لٽريسي انتهائي لازمي بڻجي وئي آهي. سنڌ حڪومت نوجوانن کي  اي آءِ ۽ ڊجيٽل لٽريسي ۾ تربيت ڏئي رهي آهي ته جيئن هو نئين دنيا جي ٽيڪنالاجي سان هم قدم ٿي سگهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته ماڻهن کي سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ذريعن مان درست معلومات جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ سيکارڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اي آءِ جي استعمال ۾ اخلاقي ذميواري ۽ انساني فيصلي کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي شراڪتدارن سان گڏجي سڄي صوبي ۾ ڊجيٽل آگاهي ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي ھٿي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جو مقصد هڪ ڊجيٽل سنڌ جي تعمير آهي، جيڪا جديديت، شموليت ۽ پائيداري تي ٻڌل هجي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جديد ٽيڪنالاجي وسيلي بهتر حڪمراني ۽ مضبوط ادارا قائم ڪري رهي آهي، جڏهن ته  سنڌ ڪلائوڊ فرسٽ پاليسي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ آءِ ٽي ڪمپني جي قيام سان صوبي جي سرڪاري کاتن ۾ ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏني پئي وڃي. نوجوانن لاءِ ڊجيٽل اسڪلز پروگرام، بوٽ ڪيمپس ۽ انڊسٽري، اڪڊيميا پارٽنرشپ پروگرام جاري آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته عالمي ۽ مقامي ٽيڪنالاجي شراڪت سان سهڪار ذريعي جديد آءِ ٽي رجحانن کي وڌايو پيو وڃي.

مزید خبریں