حيدرآباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ واقع نقاش ولاز فيز ون واري علائقي جي هڪ گهر ۾ پر اسرار طور تي گولي لڳڻ سبب هڪ عورت تهمينه زال اسلم ترڪ فوت ٿي وئي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو تڪرار سبب تهمينه پاڻ کي گولي هڻي خود ڪشي ڪئي آهي پوليس ذريعن موجب عورت کي ڳچيءَ ۾ گولي لڳي جيڪا مٿي مان ٻاهر نڪري …
نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ پُراسرار طور گولي لڳل عورت جو لاش هٿ

مزید خبریں
حيدرآباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ واقع نقاش ولاز فيز ون واري علائقي جي هڪ گهر ۾ پر اسرار طور تي گولي لڳڻ سبب هڪ عورت تهمينه زال اسلم ترڪ فوت ٿي وئي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو تڪرار سبب تهمينه پاڻ کي گولي هڻي خود ڪشي ڪئي آهي پوليس ذريعن موجب عورت کي ڳچيءَ ۾ گولي لڳي جيڪا مٿي مان ٻاهر نڪري وئي آهي واقعي کان پوءِ پوليس ان گهر ۾ پهچي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو هو.











