سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ترقياتي رٿائن بابت اهم اجلاس

ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ صوبي جي ٻن اهم ترقياتي منصوبن گڏاپ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج جي ويجهو ميڊيڪل ڪمپليڪس جو قيام ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج گڏاپ جي ترقيءَ جو جائزو وٺڻ لاء سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميڊيڪل ڪمپليڪس (گڏاپ) بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميڊيڪل …

ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ صوبي جي ٻن اهم ترقياتي منصوبن گڏاپ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج جي ويجهو ميڊيڪل ڪمپليڪس جو قيام ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج گڏاپ جي ترقيءَ جو جائزو وٺڻ لاء سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميڊيڪل ڪمپليڪس (گڏاپ) بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميڊيڪل ڪمپليڪس نئشنل هاءِ وي تي رزاق آباد جي ويجهو تعمير ٿي رهيو آهي جيڪو گڏاپ، ملير، ڪراچي ۽ آس پاس جي علائقن جي رهواسين لاءِ هڪ جديد علاج ۽ تدريسي مرڪز هوندو۔ هي منصوبو پهريون ڀيرو 2012ع ۾ 1.43 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو ويو هو جنهن کي اپريل 2025ع ۾ پي ڊي ڊبليو پي فورم پاران ٻيهر 4.64 ارب رپين جي نظرثاني ٿيل لاڳت سان منظور ڪيو ويو۔ منصوبي ۾ 9 وڏا اسپتال بلاڪ شامل آهن جن ۾ 290 بسترن جي گنجائش هوندي: جنرل وارڊ: 200 بستر، برن آءِ سي يو: 10 بستر، ميڊيڪل/سرجيڪل آءِ سي يو: 20 بسترن، سي سي يو: 10 بسترن، ڊائليسس وارڊ: 10 بسترن، ٿليسيميا سينٽر: 10 ڪرسيون ۽ ايمرجنسي يونٽ: 30 بسترا شامل آھن. مکيه عمارت جي گرائونڊ ۽ پهرين منزل تي فنيشنگ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪچن بلاڪ ۽ رهائشي عمارتون مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن۔ چوڌاري ڀت ۽ انڊر گرائونڊ واٽر ٽينڪ مڪمل ٿي چڪا آهن، ۽ سوئي گئس جي اندروني لائيننگ تي ڪم جاري آهي۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو 2013ع کان 2015ع تائين قانوني تڪرارن، خرچ ۾ واڌ ۽ فني تبديليءَ سبب دير جو شڪار رهيو پر اپريل 2025ع ۾ نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري بعد ڪم تيز رفتاريءَ سان جاري آهي۔ مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سڀئي لاڳاپيل کاتا موجوده مالي سال ۾ رکيل فنڊز جو مڪمل استعمال يقيني بڻائن ۽ ڪي ڊبليو اينڊ ايس بي ۽ صحت کاتي سان ويجهو رابطو رکن۔ هن چيو هي ڪمپليڪس نه رڳو ڪراچي جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪندو، پر اهو هڪ تدريسي ۽ تحقيقاتي مرڪز پڻ بڻجندو۔ وڏي وزير گڏاپ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج جي ترقيءَ بابت پڻ بريفنگ ورتي جيڪو 50 ايڪڙ ايراضيءَ تي 1.55 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهيو پيو وڃي۔ منصوبو 2013ع ۾ منظور ٿيو ۽ مئي 2015ع ۾ زمين جي مسئلن جي حل ٿيڻ بعد تعميراتي ڪم شروع ٿيو۔ اڃا تائين 729.96 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن۔ ڪاليج ۾ انتظامي ۽ علمي بلاڪ، سول، اليڪٽرڪل ۽ ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبا، آڊيٽوريم، لائبريري، هاسٽل، اسٽاف ڪوارٽر، بنگلا، ڊسپينسري، مسجد، ڪينٽين، مني مارڪيٽ ۽ ٽيليڪميونيڪيشن سينٽر شامل آهن۔ اسپورٽس ۽ گڏيل سهولتن ۾ جمنازيم، اسڪواش، بيڊمنٽن، ٽينس ڪورٽ، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي گرائونڊز ۽ جاگنگ ٽريڪس جو پڻ انتظام آهي۔ انتظامي ۽ علمي بلاڪ فنيشنگ جي مرحلي ۾ آهن جڏهن ته رهائشي عمارتون به مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن۔ جيتوڻيڪ فنڊز جي گهٽتائي ۽ غير يقيني رليز سبب ٻين سهولتن جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي۔ وڏي وزير فنڊز جي دير تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته اسڪيم جو نئون جائزو وٺي وقت سر ۽ باقاعده فنڊز جاري ڪيا وڃن۔ مراد علي شاهه چيو ته اهي ٻئي منصوبا ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي جي پٺتي پيل ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ اعليٰ تعليم ۽ صحت جون سهولتون وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ويزن جو حصو آهن۔ هن وڌيڪ چيو اهي صرف عمارتون نه آهن پر سنڌ جي انساني سرمائي ۾ سيڙپڪاري آهن۔ اسان انهن منصوبن کي جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون ته جيئن اسان جي نوجوانن ۽ شهرين کي معياري تعليم، تحقيق ۽ صحت جون سهولتون ملي سگهن.اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد سردار شاهه، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، اسماعيل راهو، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم احمد شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ شرڪت ڪئي۔

مزید خبریں