ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ خدمتون ناقابلِ فراموش آهن۔ مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي چوڏهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بصيرت رکندڙ ۽ بهادر شخصيت هيون۔ هن چيو بيگم ڀٽو جون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ ڪيل …
بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ خدمتون ناقابلِ فراموش آهن: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ خدمتون ناقابلِ فراموش آهن۔ مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي چوڏهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بصيرت رکندڙ ۽ بهادر شخصيت هيون۔ هن چيو بيگم ڀٽو جون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکبيون۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آمريت خلاف دليري سان جدوجهد ڪئي ۽ عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريو۔ هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي بحالي لاءِ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي۔ هن چيو ته بيگم ڀٽو عورتن کي سياست ۽ عوامي خدمت ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿايو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري دوران بيگم نصرت ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالي۔ وڏي وزير چيو ته عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ به بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکي۔ هن چيو ته بيگم ڀٽو آمريت خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو مڙس، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ قربان ڪئي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جو نالو دنيا جي انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جن جمهوريت لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون۔ هن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار پاڪستان جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي۔ مادرِ جمهوريت اسان جي تاريخ ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي چيو اڄ اسين مادر جمهوريت کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا۔











