سکر-23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سکر رينج ۾ امن امان بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پيز سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي …
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ۾ سکر رينج ۾ امن امان بابت اهم اجلاس

مزید خبریں
سکر-23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سکر رينج ۾ امن امان بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پيز سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي سکر اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڏوهاري عنصرن ۽ ڌاڙيلن خلاف مڪمل ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. ڏوهاري عنصرن جي سهولتڪارن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. گهرو وزير اها هدايت به ڪئي ته پوليس رينج جي سڀني ضلعن ۾ انٽيليجنس بنياد تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيا وڃن. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. امن دشمن عنصرن خلاف سختي سان زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران صوبائي وزير ان عزم جو به اظهار ڪيو ته اسان تيستائين آرام سان نه ويهنداسين جيستائين سنڌ جا سڀئي ضلعا ڏوهن کان پاڪ نه ڪيا وڃن.











