گڏيل قومون-23 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها شام تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪري ته جيئن 14 سالن کان تباهي پکيڙيندڙ گهرو ويڙهه کانپوءِ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو رستو کلي سگهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون 15 رڪني ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسان اقتصادي بحالي، نئين سر …
گڏيل قومون شام جي سياسي منتقلي ۾ مدد لاءِ پابندين ۾ نرمي ڪن: پاڪستان
گڏيل قومون-23 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها شام تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪري ته جيئن 14 سالن کان تباهي پکيڙيندڙ گهرو ويڙهه کانپوءِ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو رستو کلي سگهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون 15 رڪني ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسان اقتصادي بحالي، نئين سر تعمير ۽ ٻيهر ضم ٿيڻ کي قابل بنائڻ لاءِ شام تي پابندين ۾ نرمي جي اهميت تي زور ڀريون ٿا . هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته شام جي حڪمراني ۾ بهتري آندي وڃي ته جيئن انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺوس نتيجا سامهون اچن. پاڪستاني نمائندن چيو ته تازو ئي شام جي پيپلز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون جيڪي ملڪ ۾ سياسي عمل کي هٿي ڏيڻ ۽ رياستي ادارن جي بحالي طرف هڪ بهتر قدم آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي علائقا جتي سيڪيورٽي سببن جي ڪري چونڊون ملتوي ٿيون اتي جلد چونڊون ڪرائڻ جي قابل ٿي ويندا ته جئين سڄي ملڪ ۾ گڏيل سياسي شموليت ممڪن ٿي سگهي. هن وڌيڪ چو ته شام جي ڊيمو ڪريٽڪ فورسز( ايس ڊي ايف) جو ڪرد مليشيا ۽ ٻين گروهن تي ٻڌل اتحاد آهي. ۽ مرڪزي حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ تازو معاهدو هڪ اهم اڳڀرائي آهي ، جنهن تحت ايس ڊي ايف جي دستن کي قومي فوج ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اها اڳڀرائي قومي اتحاد ۽ رياستي ادارن جي استحڪام لاءِ هڪ بهتر قدم آهي ۽ اسان ان جي مڪمل ۽ وقت سر لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهيون. هن پرڏيهي دهشتگرد ويڙهاڪن جي موجودگي بابت خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سلامتي تي ٻڌل قدمن بشمول هٿيار ڦٽو ڪرڻ، ويڙهاڪن کان هٿيار وٺڻ، ويڙهاڪن جي نيڪالي ۽ معاشري ۾ ٻيهر شموليت(ڊي ڊي آر) سڌارن تي زور ڀريو. هن چيو ته مرڪزي حڪومت جو دائره اختيار ملڪ جي سمورن حصن، خاص طور تي سويدا، حلب ۽ دير الزور جهڙن علائقن تائين پکيڙيو وڃي ته جيئن اتي امن ۽ امان جي صورتحال بهتر بڻائي سگهجي. هن شام جي عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ عالمي برادري جي لازمي حمايت ذريعي شام هڪ مضبوط پر امن ۽ خوشحال ملڪ طور تي اڀرندو. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان شام جي عوام جي خودمختيار فيصلن جو احترام ڪندي شام جي قيادت ۾ ۽ شام جي ملڪيت واري سياسي عمل جي حمايت جاري رکندو.








