واشنگٽن-23 اڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هنگري جي گادي واري شهر بڊاپسٽ ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي طئي ٿيل سربراهي ملاقات ملتوي ڪندي چيو آهي ته کيس يقين ناهي ته ڳالهين جي ان مرحلي تي ڳالهين جو گهربل نتيجو نڪرندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو اعلان وائيٽ هائوس ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو …
آمريڪا روس سربراهي ملاقات ملتوي
واشنگٽن-23 اڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هنگري جي گادي واري شهر بڊاپسٽ ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي طئي ٿيل سربراهي ملاقات ملتوي ڪندي چيو آهي ته کيس يقين ناهي ته ڳالهين جي ان مرحلي تي ڳالهين جو گهربل نتيجو نڪرندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو اعلان وائيٽ هائوس ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ائين نٿو لڳي ته اسان ان ملاقات مان اهو مقصد حاصل ڪري سگهنداسين جيڪو اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ان لاءِ مان ان ملاقات کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق آمريڪي صدر ان امڪان کي رد ناهي ڪيو ته بعد ۾ ڪنهن وقت سندس روس جي هم منصب سان ملاقات ٿي سگهي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو اعلان آمريڪي ناڻي کاتي طرفان روس پرامن عمل ۾ سنجيده عزم جي گهٽتائي جو حوالو ڏيندي اضافي پابندين جي اعلان جي فوري بعد آيو آهي. انهن پابندين ۾ روس جون 2 وڏيون تيل ڪمپنيون روز نيفٽ ۽ لوڪوئيل سان گڏو گڏ ان جي ذيلي ڪمپنين کي به نشانو بڻايو ويو آهي. آمريڪي صدر ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته کيس يقين آهي ته اهي پابنديون به يوڪرين جنگ جي حوالي سان روس جي موقف ۾ ڪي تبديلي آڻينديون. واضح رهي ته گذريل هفتي روس ۽ آمريڪي صدرن وچ ۾ فون تي ڳالهين بعد ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات جو اعلان ڪيو ويو هو . ان کان اڳ روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو هو ته سربراهي ملاقات کان پهريان ان لاءِ ٺوس تياريون ضروري آهن . ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو هو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ سربراهي ملاقات کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته ٻئي صدر نتيجي جوڳيون ڳالهيون چاهين ٿا.








