ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ سماجي تحفظ اٿارٽي ذريعي جلد ئي صوبي جي مستحق ماڻهن جي ڊيٽا کي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيو ويندو، جنهن سان مستحق ماڻهن کي نه صرف مالي مدد پر تعليم، صحت ۽ عورتن کي زچگي دوران هر قسم جي سهولتن تائين پهچ به ممڪن بڻائي سگهبي. اهرو …
سنڌ سماجي تحفظ اٿارٽي ذريعي جلد ئي صوبي جي مستحق ماڻهن جي ڊيٽا کي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيو ويندو: صوبائي وزير سعيد غني
ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ سماجي تحفظ اٿارٽي ذريعي جلد ئي صوبي جي مستحق ماڻهن جي ڊيٽا کي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيو ويندو، جنهن سان مستحق ماڻهن کي نه صرف مالي مدد پر تعليم، صحت ۽ عورتن کي زچگي دوران هر قسم جي سهولتن تائين پهچ به ممڪن بڻائي سگهبي. اهرو اظهار هن سنڌ سماجي تحفظ اٿارٽي جي آفيس ۾ آڪسفورڊ پاليسي مينيجمينٽ جي صلاحڪارن محمد عثمان چاچڙ ۽ بلال لاشاري سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سنڌ سماجي تحفظ اٿارٽي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميع الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سماجي تحفظ اٿارٽي اهڙي جامع پاليسي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي مستحق ماڻهن لاءِ هڪ منظم ڊيٽا بيس تيار ڪيو وڃي جيڪو نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هجي. ان ڊيٽا جي بنياد تي سنڌ حڪومت جا مختلف کاتا جن ۾ صحت، تعليم، ليبر ۽ پاپوليشن ويلفيئر شامل آهن، گڏجي مستحق ماڻهن خاص طور عورتن کي سماجي تحفظ، صحت، تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته ان مقصد لاءِ هڪ جامع تحقيق شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن سان سموري ڊيٽا هڪ هنڌ گڏ ٿئي ۽ حڪومت مستحق ماڻهن کي نقد ادائيگي، ويڪسينيشن، زچگي دوران عورتن جي فوري مالي مدد، تعليم ۽ روزگار جا موقعا مهيا ڪري سگهي. هن چيو ته هن وقت سماجي تحفظ اٿارٽي تحت صوبي جي گهڻن ضلعن ۾ ڪم جاري آهي، پر اسان جو مقصد آهي ته اهو ڪم هر ضلعي ۽ هر مستحق تائين وڌايو وڃي ته جيئن سماجي تحفظ جو دائرو وسيع ٿئي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تي مڪمل عمل ڪندي سماجي تحفظ کي هٿي ڏيڻ ۾ سرگرم آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته مستحق ماڻهن جو ڊيٽا جلد کان جلد تيار ڪيو وڃي ته جيئن سندن فوري مدد ممڪن بڻائي سگهجي. ان موقعي تي آڪسفورڊ پاليسي مينيجمينٽ جي صلاحڪار محمد عثمان چاچڙ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد ئي سڀ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان تحقيقاتي عمل شروع ڪيو ويندو، ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هن سال جي آخر تائين اها تحقيق مڪمل ڪري ڊيٽا کي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيو وڃي.












