ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت ۽ آباديءَ جي ڀلائيءَ واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته 17 نومبر کان سڄي صوبي ۾ ارڙيءَ ۽ رُوبيلا (ايم آر) کان بچاءُ لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ڪجهه چونڊيل ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پڻ پيئاريا ويندا. هن چيو ته مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ هر شيءِ تي …
17 نومبر کان سڄي صوبي ۾ ارڙيءَ ۽ رُوبيلا کان بچاءُ لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي ويندي: صوبائي وزير عذرا پيچوهو
ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت ۽ آباديءَ جي ڀلائيءَ واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته 17 نومبر کان سڄي صوبي ۾ ارڙيءَ ۽ رُوبيلا (ايم آر) کان بچاءُ لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ڪجهه چونڊيل ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پڻ پيئاريا ويندا. هن چيو ته مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ هر شيءِ تي سخت نظر رکي ويندي. هن چيو ته هن مهم ۾ نجي اسڪولن جو تعاون ضروري آهي ۽ جيڪي اسڪول تعاون نه ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ارڙي ۽ رُوبيلا ويڪسينيشن مهم بابت پهرين صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ 17 کان 29 نومبر 2025ع تائين پوري صوبي ۾ ارڙيءَ ۽ رُوبيلا (ايم آر) کان بچاءُ لاءِ هلندڙ مهم جو جائزو ورتو ويو ۽ حڪمت عمليءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ۾ هن سال 12 هزار 732 ارڙيءَ ۽ رُوبيلا جا ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته سنڌ ۾ هن سال 4000 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪراچي، ٿرپارڪر ۽ خيرپور سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعا رهيا. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سخت هدايتون جاري ڪيون ته 17 نومبر کان شروع ٿيندڙ مهم دوران 8.2 ملين ٻارن کي ويڪسين ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 6000 ٽيمون جوڙيون وينديون. هر ويڪسينيٽر روزانو پنجاهه کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏيندو. مهم جي معيار کي بهتر بڻائڻ، جعلي داخلا کي روڪڻ، انڪار جي سڀني ڪيسن جي نگراني ڪرڻ ۽ آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ اسان جي ذميواري آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هدايت ڪئي ته ويڪسينيٽرن جي جاءِ ۽ ڪم جي وقت جي سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي. سڀني اسپتالن کي شامل ڪيو وڃي، پيڊياٽرڪ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ ٻارن جي صحت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن انتظام ڪيو وڃي. صحت واري وزير چيو ته سڀئي سول سوسائٽي جون تنظيمون، ايسوسيئيشنز ۽ اسٽيڪ هولڊر 1 نومبر تائين پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائين. نجي اسڪولن جو تعاون ضروري آهي ۽ جيڪي اسڪول تعاون نه ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته اها مهم اسان جي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل جي تحفظ لاءِ آهي. صحت واري وزير واضح پيغام ڏنو ته ارڙيءَ ۽ رُوبيلا ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ والدين لاءِ هر ٻار کي ويڪسين لڳائڻ قانوني طور تي ضروري آهي، ٻي صورت ۾ قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات کاتو معيزالدين پيرزادي کي هدايتون جاري ڪيون ته عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي وڃي ته جيئن هر والدين کي هن ويڪسين جي اهميت سمجهه ۾ اچي . ميڊيا ذريعي هي پيغام عام ڪيو وڃي ته ”هر ٻار هن ويڪسين جو مستحق آهي“. ڪنهن به قسم جي غلط معلومات يا افواهون برداشت نه ڪيون وينديون. سوشل ميڊيا يا ڪنهن به چينل ذريعي غلط خبرون پکيڙيندڙن خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. سڀئي ڊي ايڇ او پنهنجن ضلعن جي مائڪرو پلان کي اپڊيٽ ڪن. مقرر ۽ آئوٽ ريچ سينٽرن جو تعداد وڌايو وڃي. ويسٽ ڊسپوزل جي سسٽم کي اثرائتو بڻايو وڃي ۽ صفائيءَ جي اصولن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته 140 نوان ويڪسينيٽر پڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪي خدمتون سرانجام ڏيندا. مهم دوران هيلٿ فيسيلٽي، اسڪول آئوٽ ريچ، ڪميونٽي آئوٽ ريچ ۽ موبائل ٽيمن ذريعي ويڪسين لڳائي ويندي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سيڪيورٽي بابت سڀني کاتن کي لکت ۾ خط لکڻ جو حڪم به جاري ڪيو ۽ چيو ته 1122، پوليس ۽ گهرو کاتي جي تعاون سان ٽيمن جي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوي. صحت واري وزير پيغام ڏنو ته اسان کي هر سال اها مهم جاري رکڻي آهي ته جيئن ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي. نجي اسڪول ايسوسيئيشنز کي تعليم ۽ صحت کاتي ذريعي صلاح مشوري لاءِ سڏايو وڃي ۽ يونيسف سميت سڀني ادارن جي تعاون سان آگاهي سيشن منعقد ڪيا وڃن ته جيئن والدين کي هن مهم جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. هي قومي فرض آهي ۽ صوبائي حڪومت آزاد طور تي فيصلا ڪندي. مقصد صرف هڪ آهي ته سنڌ جو ڪوبه ٻار ارڙي ۽ رُوبيلا ويڪسين کان محروم نه رهي. اجلاس ۾ اي پي آءِ سنڌ، نيشنل اميونائيزيشن ٽيڪنيڪل ايڊوائيزري گروپ (نائي ٽيگ)، نرسنگ، پي پي ايڇ آءِ، ڊي جي اطلاعات کاتو، پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، هيلپ فائونڊيشن سميت مختلف ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.












