بيجنگ-22 آڪٽوبر(اي پي پي) چين آسٽريليا کي خبردار ڪيو آهي ته هو چين جي فصائي حدن جي خلاف ورزي، اشتعال انگيزي ۽ پروپيگنڊه فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي دفاع واري وزارت تازو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 19 آڪٽوبر تي آسٽريلوي فضائيه جي جهاز پي 8 اي کي چين جي ڏکڻ سمنڊ ۾ اڏام دوران چين جي فوجي جهاز ان کي غير محفوظ ۽ …
آسٽريليا اسان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي، اشتعال انگيزي ۽ پروپيگنڊه فوري طور تي بند ڪري: چين
بيجنگ-22 آڪٽوبر(اي پي پي) چين آسٽريليا کي خبردار ڪيو آهي ته هو چين جي فصائي حدن جي خلاف ورزي، اشتعال انگيزي ۽ پروپيگنڊه فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي دفاع واري وزارت تازو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 19 آڪٽوبر تي آسٽريلوي فضائيه جي جهاز پي 8 اي کي چين جي ڏکڻ سمنڊ ۾ اڏام دوران چين جي فوجي جهاز ان کي غير محفوظ ۽ غير پيشيوراڻي طور انٽرسيپٽ ڪيو جنهن سان آسٽريلوي جهاز ۽ پائلٽ کي خطرو ٿيو. چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان جيانگ بين گذريل ڏينهن بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته آسٽريليا جو بيان حقيتن کي لڪائي ٿو ۽ اهو چيني فضائي حدن ۾ پنهنجي جهاز جي غير قانوني اڏام کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي. چين ان بيان جي سخت مخالفت ڪري ٿو . ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيپلز لبريشن آرمي جي سدرن ٿيٽر ڪمانڊ چيني هوائي حدن ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيندڙ آسٽريلوي فوجي جهاز کي روڪڻ ۽ حدن مان ٻاهر نڪري ڪرڻ جا قدم کنيا. اهي قدم جائز قانوني پيشيوراڻا ۽ پر امن هيا. ترجمان چيو ته چين آسٽريليا تي زور ڀري ٿو ته هو فوري طور تي انهن خلاف ورزين، اشتعال انگيزين ۽ پروپيگنڊه کي روڪي ۽ پنهنجي هوائي بحري فوج جي ڪارروائين تي سخت ڪنٽرول رکي ته جيئن چين ۽ آسٽريليا جي حڪومت ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿيڻ کان بچي سگهن. سندس چوڻ هيو ته چين جي فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي حفاظت ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکندي.








