اتر ڪوريا پاران بيليسٽڪ ميزائلن جا وڌيڪ تجربا

سيئول _ 22 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر ڪوريا بيليسٽڪ ميزائلن جا وڌيڪ تجربا ڪيا آهن. جون جي شروع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ اقتدار سنڀالڻ بعد اتر ڪوريا طرفان اهي پهريان ميزائل تجربا آهن. ڏکڻ ڪورياجي خابرو اداري جوائنٽ چيفس آف اسٽاف (جي سي ايس) جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اتر ڪوريا جاپان سمنڊ طرف ڪيل بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اتر …

سيئول _ 22 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر ڪوريا بيليسٽڪ ميزائلن جا وڌيڪ تجربا ڪيا آهن. جون جي شروع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ اقتدار سنڀالڻ بعد اتر ڪوريا طرفان اهي پهريان ميزائل تجربا آهن. ڏکڻ ڪورياجي خابرو اداري جوائنٽ چيفس آف اسٽاف (جي سي ايس) جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اتر ڪوريا جاپان سمنڊ طرف ڪيل بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اتر ڪوريا اهي ميزائل هوانگ هاءِ صوبي ۾ واقع جنگوا نالي جاءِ تان فائر ڪيا آهن. هن چيو ته اسان جي فوج اتر ڪوريا طرفان وڌيڪ ميزائل تجربن جي تياري جي نگراني کي تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا ۽ جاپان سان لاڳاپيل معلومات  جي شراڪتداري ڪندي ڪنهن به امڪاني جوابي ڪارروائي جي مستقل تياري جي پوزيشن کي  برقرار رکيو آهي.