سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سوشل ميڊيا تي هلندڙ منظم، گمراهه ڪندڙ ۽ ذاتي نوعيت واري مهم جي سخت مذمت

حيدرآباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سوشل ميڊيا تي جاري هڪ منفي ۽ غيرذميوار مهم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪميشن جي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪميشن جي بيان موجب اها مهم مبينا طور تي محمد ايوب پنهور، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ريڪروٽمينٽ) جي هٿ ڏس تي هلائي پئي وڃي جنهن دوران …

حيدرآباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سوشل ميڊيا تي جاري هڪ منفي ۽ غيرذميوار مهم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪميشن جي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪميشن جي بيان موجب اها مهم مبينا طور تي محمد ايوب پنهور، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ريڪروٽمينٽ) جي هٿ ڏس تي هلائي پئي وڃي جنهن دوران نه فقط ڪميشن جي آفيسرن پر انهن جي گهرڀاتين کي به نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪو عمل اخلاقي حدن، سماجي قدرن ۽ سرڪاري نظم جي ڀڃڪڙي جو واضح مثال آهي. ڪميشن پاران واضح ڪيو ويو آھي ته محمد ايوب پنهور هن وقت معطلي هيٺ آهي ۽ سندس خلاف باقاعده جاچ جاري آهي، جيڪا سنڌ سول سرونٽس ايفيشنسي اينڊ ڊسپلن رولز 1973 تحت مڪمل شفافيت سان ڪئي پئي وڃي. مٿس لڳايل الزامن ۾ آفيس جي نظم ضبط جي ڀڃڪڙي، اعليٰ آفيسرن سان بدتميزي، سرڪاري پروٽوڪول جي لتاڙ، واٽس ايپ ذريعي اختيارن جو غلط استعمال ۽ عدالتن ۾ بي بنياد درخواستون داخل ڪرڻ شامل آهن. پڌرائي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته جاچ جي غيرجانبداري يقيني بڻائڻ لاءِ BPS-22 مان رٽائرڊ هڪ انتهائي تجربيڪار ۽ نالي وارو آفيسر جانچ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سموري ڪارروائي کي قانوني ۽ منصفاڻي طريقي سان مڪمل ڪندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ  ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميشن شفافيت، ميرٽ، ۽ جوابدهي جي اصولن تي مڪمل طور تي قائم آهي. ادارو انهن سڀني تعميري خيالن ۽ مثبت تنقيدن کي ڀليڪار ڪري ٿو جيڪي سڌارن ۽ بهتري لاءِ هجن پر ذاتيات، الزامن ۽ گمراهه ڪندڙ مهمن کي سختي سان رد ڪيو ويندو. ٻئي طرف اھو پڻ واضع ڪيو ويو آھي ته ناڪاري مهمن ۽ غلط پروپيگنڊا ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ  جو ڪنهن به صورت ۾ اداري ۽ ان جي ايماندار آفيسرن جي عزت سان کيڏڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. ڪميشن جي پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو ته ادارو ڪنهن جي ذاتي انا جي سياست ۾ نه ڦاسندو ۽ ميرٽ، شفافيت ۽ سنڌ جي قابل نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ وارو عمل جاري رکندو.