سنڌ يونيورسٽي پاران مختلف پروگرامز جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ

ڄامشورو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رليف ڏيندي ڪيترن ئي پروگرامز لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل مختلف سرڪيولرز ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ڄاڻايوآهي ته سيمسٽر امتحاني فيس ۽ فارم آن لائين جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 آڪٽوبر 2025 تائين وڌائي وئي آهي، جيڪا بغير ڪنهن …

ڄامشورو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رليف ڏيندي ڪيترن ئي پروگرامز لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل مختلف سرڪيولرز ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ڄاڻايوآهي ته سيمسٽر امتحاني فيس ۽ فارم آن لائين جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 آڪٽوبر 2025 تائين وڌائي وئي آهي، جيڪا بغير ڪنهن ليٽ فيس جي لاڳو ٿيندي. ان کان اڳ اها تاريخ 20 آڪٽوبر 2025 مقرر هئي. ڄاڻايل فيصلو مختلف لاڳاپيل ڪاليجن ۽ ادارن جي درخواستن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. سرڪيولرن ۾ وڌيڪ هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀني ڪاليجن جا پرنسپال يقيني بڻائن ته امتحاني فارم 30 آڪٽوبر 2025 تائين ڪنٽرولر جي آفيس ۾ لازمي طور جمع ڪرايا وڃن. ڄاڻايل واڌ مختلف پروگرامز تي لاڳو ٿيندي، جن ۾ بي سي ايس (3 سال پروگرام)، اي ڊي ايس (باٽني) 2 سال پروگرام، بي بي اي (آنرز)، بي ايس (سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، بي ايس (انفارميشن ٽيڪنالاجي) 4 سال پروگرامز، بي ايس 4 سال پروگرام جا مختلف شعبا جهڙوڪ ڪامرس، انگريزي ۽ ڪيمسٽري، اي ڊي اي ۽ بي ايڊ ٽو  پروگرامز، ايم بي اي (ايوننگ) ۽ ريگولر ايم بي اي 4 سال پروگرامز ۽ ايل ايل بي (آنرز) 5 سال پروگرام شامل آهن. ڪنٽرلر واضح ڪيو آهي ته 30 سيپٽمبر 2025 تي جاري ڪيل اصل نوٽيفڪيشنن ۾ ڏنل ٻيا سڀ شرط ۽ ضابطا ساڳيا رهندا. شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن ذريعي نئين مقرر ڪيل تاريخ اندر پنهنجا فارم جمع ڪرائين.