سنڌ جي صحت کاتي پاران صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت رپورٽ جاري

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق هن مهيني صوبي ۾ 276 ڊينگي جا تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ سال 2025 دوران ڊينگي جي ڪيسن جو ڪل انگ 920 تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب، ڪراچي ڊويزن ڊينگي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جتي 124 ڪيس رپورٽ ٿيا …

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق هن مهيني صوبي ۾ 276 ڊينگي جا تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ سال 2025 دوران ڊينگي جي ڪيسن جو ڪل انگ 920 تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب، ڪراچي ڊويزن ڊينگي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جتي 124 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. حيدرآباد ڊويزن ۾ 82، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 58، سکر ڊويزن ۾ 9، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 2، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڊينگي خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. سڀني ضلعن ۾ اسپري، فوگنگ ۽ ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي صحت آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ پاڻي جمع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو مڇرن جي افزائش جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته حڪومت جي ترجيح شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن تي برابر ڌيان ڏيڻ آهي. سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ الڳ الڳ يونٽ قائم ڪيا ويا آهن، جتي مفت علاج ۽ ٽيسٽنگ جون سهولتون موجود آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجي گهرن جي صَحن، ڇتين ۽ ٿانون ۾ پاڻي جمع نه ٿيڻ ڏين. مڇر مار اسپري استعمال ڪيو وڃي ۽ بخار جي صورت ۾ فوري طور تي ويجهي اسپتال سان رابطو ڪيو وڃي. هي بيماري روڪي سگهجي ٿي، جيڪڏهن اسان سڀ ذميواري ڏيکارينداسين ته جلد ئي ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سنڌ جي صحت واري وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت جون ڊينگي مانيٽرنگ ٽيمون متاثر ضلعن ۾ روزانو جي بنياد تي سرگرم آهن ۽ صورتحال جو مسلسل جائزو ورتو پيو وڃي.