حيدرآباد ۾ شِو مندر ۾ ڏياري جي تقريب، امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ

حيدرآباد-22 آڪٽوبر(اي پي پي) حيدرآباد ۾ شِو مندر ۾ مکي ڪرم ڀڳت ڏياري جي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ هندو برادري سميت شهر جي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، وڏي وزير جي صلاحڪار جبار خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڏياري جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي …

حيدرآباد-22 آڪٽوبر(اي پي پي) حيدرآباد ۾ شِو مندر ۾ مکي ڪرم ڀڳت ڏياري جي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ هندو برادري سميت شهر جي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، وڏي وزير جي صلاحڪار جبار خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڏياري جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم کي ورجايو  ويو. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان موجب تقريب دوران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا جنهن لاءِ 50 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن، جوانن ۽ ليڊي پوليس کي مقرر ڪيو ويو هو. ان کان علاوه ضلعي جي 45 مندرن ۾ ڏياري جي موقعي تي 400 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن هندو برادري جا ماڻهو پرسڪون ۽ محفوظ ماحول ۾ پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته حيدرآباد پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وقت چوڪس آهي. ڏياري امن ۽ رواداري جو پيغام ڏئي ٿي ۽ اسان کي ان جذبي کي هٿي ڏيڻ گهرجي.