آمريڪا سان ڳالهين جا رستا بند ناهن ٿيا پر اهي اسان جي مفادن سان مشروط آهن: ايران

تهران-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت تازي ڇڪتاڻ باوجود ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان سڌيءَ ريت ڳالهيون مڪمل بند ناهن ٿيون پر اهي ايران جي مفادن سان مشروط آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا ڪنهن نئين ڳالهين واري مرحلي تي …

تهران-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت تازي ڇڪتاڻ باوجود ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان سڌيءَ ريت ڳالهيون مڪمل بند ناهن ٿيون پر اهي ايران جي مفادن سان مشروط آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا ڪنهن نئين ڳالهين واري مرحلي تي ناهن. هن واضح ڪيو ته سڌيءَ ريت ڳالهيون ناهن رڪيون پر ايران جي مفادن سان مشروط آهن.هن ٻڌايو ته ايران ۽ ٻين ڌرين وچ ۾ اڳ جيان رابطا جاري آهن ۽ ٽياڪڙن ذريعي پيغامن جي مٽا سٽا جاري آهي. ترجمان چيو ته ايران جو ايٽمي معاملو حقيقت ۾ ڪو عالمي تڪرار ناهي پر ان کي يورپي ملڪن (فرانس، جرمني، برطانيا) ۽ آمريڪا جي اصرار تي گڏيل قومن جي ايجندا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران کي پرامن ايٽمي توانائي جي استعمال جو بنيادي حق حاصل آهي. اهو حق ايران جي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي معاهدي ( اين ٽي پي) جي رڪنيت سبب حاصل آهي. اهو ڪو اهڙو فرق ناهي جيڪو ٻين جي طرفان ڏنل يا تسليم ڪيو وڃي.