ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، ان جي شهرين، ڪاروبار ۽ ڍانچي جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي هن چيو ته سيف سٽي منصوبو صرف نگراني جو نظام نه پر هڪ جامع شهري تحفظ ۽ انتظامي نظام آهي جيڪو پوليسنگ ۽ هنگامي ڪارروائي جي نظام کي نئين دور ۾ داخل ڪندو. اهڙو اظهار …
ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، ان جي شهرين، ڪاروبار ۽ ڍانچي جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي: سنڌ جو وڏو وزير
ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، ان جي شهرين، ڪاروبار ۽ ڍانچي جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي هن چيو ته سيف سٽي منصوبو صرف نگراني جو نظام نه پر هڪ جامع شهري تحفظ ۽ انتظامي نظام آهي جيڪو پوليسنگ ۽ هنگامي ڪارروائي جي نظام کي نئين دور ۾ داخل ڪندو. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ڪراچي سيف سٽي منصوبي (فيز-پھريون) بابت تفصيلي جائزي واري اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ فيز-ٻئي جي تجويز ڪيل دائريڪار (اسڪوپ) جي منظوري پڻ ڏني وئي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن خاص طور پوليس ۽ سيف سٽي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي تيزيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هي عوامي تحفظ جو اهم منصوبو وقت سر مڪمل ٿي سگهي. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته وڊيو نگراني جو پهريون مرحلو جيڪو 31 مئي 2024ع تي شروع ڪيو ويو هو، پنهنجي طئي ڪيل شيڊول موجب 30 نومبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان مرحلي ۾ جديد مصنوعي ذهانت سان ليس ڪئميرا نيٽ ورڪ، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو قيام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڊيٽابيسز کي ضم ڪرڻ شامل آهي ته جيئن ڏوهن جي روڪٿام، ٽرئفڪ مينيجمينٽ ۽ هنگامي ڪارروائي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. ھيستائين اڳڀرائي ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن، پولز، پوائنٽس آف پريزنس سائيٽس، سرورز ۽ ڊيٽا اسٽوريج اسٽرڪچر لڳائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويا آهن ۽ چهري جي سڃاڻپ، گاڏين جي ٽريڪنگ ۽ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ لاءِ تجزياتي نظام جي انضمام جو ڪم جاري آهي۔ گھرو وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن وقت 12 ايمرجنسي ريسپانس گاڏيون ميدان ۾ متحرڪ آهن جيڪي ڪمانڊ سينٽر سان ڳنڍيل آهن ته جيئن زميني سطح تي تيز ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير سيف سٽي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته نيٽ ورڪ ڪنيڪشن بهتر ڪيو وڃي، ڊيٽا جي منتقلي ۾ رڪاوٽ نه هجي، ۽ مختلف ادارن جا ڊيٽابيس جهڙوڪ ڏوھارين جو رڪارڊ، گاڏين جي رجسٽريشن ۽ نادرا ڊيٽا کي ضم ڪيو وڃي ته جيئن اسمارٽ پوليسنگ ممڪن ٿئي۔ هن زور ڀريو ته فيز- پھرين ۾ معيار يا وقت جي پابندي تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ فيز ٽو بابت وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته فيز-ٻئي ۾ نگراني جي دائري کي ڪراچي جي وڌيڪ علائقن تائين وڌايو ويندو جن ۾ حساس، تجارتي ۽ رهاشي علائقا شامل آهن۔ فيز-ٻئي جي اهم خاصيتن ۾ 4750 نوان ڪيمرا لڳائڻ، 1750 موجوده ڪئميرائن کي اپ گريڊ ڪرڻ شامل آهن جن ۾ انٽيليجنٽ ٽرئفڪ سسٽم به هوندو جيڪو اي-چالان نظام کي مضبوط ڪندو۔ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار وڏي وزير کي ٻڌايو ته فيز-ٻئي ۾ ضلع ڏکڻ (جنهن ۾ ڊي ايڇ اي جا اهم علائقا شامل آهن)، ضلع اوڀر ۽ ضلع ملير تائين نگراني جو ڍانچو وڌايو ويندو۔ سسٽم انٽيگريشن، ايس 4 سسٽم کي سيف سٽي پليٽفارم سان ڳنڍيو ويندو ۽ ان جو ڍانچو سيف سٽي جي معيار مطابق اپ گريڊ ڪيو ويندو۔ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، سي پي او ڪراچي ۾، کي 6000 ڪئميرائن تائين مينيج ڪرڻ جي گنجائش تائين وڌايو ويندو جڏهن ته ڊيٽا سينٽر کي به جديد معيار مطابق اپ گريڊ ڪيو ويندو۔ ٻه علائقائي ڪمانڊ سينٽر قائم ڪيا ويندا جن ۾ هڪ ڊي آءِ جي ڏکڻ جي آفيس ۽ ٻيو سِوِڪ سينٽر ۾ موجود ڪنٽرول روم کي اپ گريڊ ڪري ضلع ڏکڻ ۽ اوڀر لاءِ مخصوص ڪيو ويندو۔ سسٽم ۾ جديد ڪمپيوٽر ايڊڊ ڊسپاچ اپ گريڊ ڪال سينٽر، 3D ڊيش بورڊ، اڪيوسيڪ ۽ ٻيا جديد تجزياتي اوزار شامل هوندا۔ وڏي وزير فيز-ٻئي لاءِ بجيٽ، عملي، ٽرانسپورٽ ۽ آپريشنل ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو جڏھن تھ ناڻي ۽ داخلا کاتي کي هدايت ڪئي ته ماڊل کي حتمي شڪل ڏئي بنا ڪنهن دير جي منصوبي کي اڳتي وڌايو وڃي۔ سيد مراد علي شاهه اجلاس جي پڄاڻي تي سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته فيز-پھرين کان فيز-ٻئي تائين منتقلي لاءِ باقاعده رپورٽون ۽ پاليسي تجويزون پيش ڪيون وڃن ۽ سيف سٽي اٿارٽي کي وڌيڪ بااختيار بڻايو وڃي جنهن لاءِ واضح آپريشنل پروٽوڪول پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي تيار ڪيا وڃن۔جنهن ۾ گھرو وزير ضياالحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، ڊي جي سيف سٽي اٿارٽي آصف اعجاز شيخ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا۔












