بيجنگ-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل جنگبندي جي معاهدي جي چين آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان ڪون چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ طئي ٿيل جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان روزانه جي پريس بريفنگ دوران جنگبندي معاهدي تي پنهنجي تبصري ۾ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي چين جا روايتي …
چين پاران پاڪستان ۽ افغانستان جنگبندي معاهدي جي آجيان
بيجنگ-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل جنگبندي جي معاهدي جي چين آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان ڪون چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ طئي ٿيل جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان روزانه جي پريس بريفنگ دوران جنگبندي معاهدي تي پنهنجي تبصري ۾ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي چين جا روايتي دوست ۽ هڪٻئي جا پاڙيسري ملڪ آهن. هن چيو ته چين ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل ملڪن جي تعاون کي ساراهي ٿو. چين، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پنهنجا اختلاف دُور ڪرڻ ۽ هڪ جامع ۽ پائيدار جنگبنديءَ لاءِ ٻنهي ملڪن ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام جي گڏيل تحفظ لاءِ مسلسل ڳالهين ۽ مشاورت جي اميد ڪري ٿو ۽ ان جي حمايت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.








