ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڏياري جي ڏڻ تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هندو برادري جي مذهبي ڏڻ تي سڄي صوبي جي هندو برادري کي دلي واڌايون پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته ڏياري روشني ،محبت، امن ۽ ڀائپي جو پيغام ڏئي ٿي. هن چيو ته هندو برادري ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي …
سنڌ جي گورنر پاران هندو برادريءَ کي ڏياري جي ڏڻ تي واڌايون
ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڏياري جي ڏڻ تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هندو برادري جي مذهبي ڏڻ تي سڄي صوبي جي هندو برادري کي دلي واڌايون پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته ڏياري روشني ،محبت، امن ۽ ڀائپي جو پيغام ڏئي ٿي. هن چيو ته هندو برادري ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ هندو برادري سوڌو سڀني اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. گورنر چيو ته موجوده حڪومت بين المذاهب هڪجهڙائي ۽ رواداري کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏياري جي هن پرمسرت موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ،خوشحالي ۽ امن لاءِ خاص دعائون ڪريون.












