روس کان تيل جي خريداري بند ڪرڻ تائين ڀارت کي تمام گهڻو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو: آمريڪي صدر

 واشنگٽن-20 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کيس يقين ڏياريو آهي ته ڀارت روس کان تيل جي خريداري بند ڪري ڇڏيندو. پر هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نئين دهلي ائين نه ڪيو ته ڀارت کي تمام گهڻو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر گذريل ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڀارتي …

 واشنگٽن-20 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کيس يقين ڏياريو آهي ته ڀارت روس کان تيل جي خريداري بند ڪري ڇڏيندو. پر هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نئين دهلي ائين نه ڪيو ته ڀارت کي تمام گهڻو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر گذريل ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڀارتي وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي ۽ هن چيو آهي ته روس سان تيل جي معاملي ۾ وڌيڪ شامل نه ٿينداسين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل جي خريداري بند نٿو ڪري ته ڀارت کي تمام گهڻو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو. روس جو تيل ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري گهڻ رخي واپاري ڳالهين ۾ هڪ اهم رڪاوٽ بڻجي چڪو آهي. آمريڪي حڪومت جو چوڻ آهي ته تيل جي آمدني روس کي يوڪرين ۾ جنگ جي مالي مدد فراهم ڪري ٿي.