رياض – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دوحه ۾ طئي ٿيل جنگ بندي معاهدي لاءِ قطر ۽ ترڪيه جي سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام ۽ اعتماد جي پل کي مضبوط ڪرڻ ڏانهن …
جي سي سي طرفان پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي معاهدي لاءِ قطر ۽ ترڪيه جي ڪوششن جي آجيان
رياض – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دوحه ۾ طئي ٿيل جنگ بندي معاهدي لاءِ قطر ۽ ترڪيه جي سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام ۽ اعتماد جي پل کي مضبوط ڪرڻ ڏانهن هڪ هاڪاري قدم جي نمائندگي ڪري ٿو. هن خطي ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ کنيل سمورن قدمن لاءِ جي سي سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن قومن لاءِ هڪ وڌيڪ مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل جو رستو هموار ڪري سگهجي.








