رياض - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي کي اهڙي طرح …
سعودي عرب طرفان پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي معاهدي جي آجيان
رياض – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي کي اهڙي طرح يقيني بڻائڻ جا خوهشمند آهيون جنهن سان ٻنهي برادر ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رهي ۽ انهن جو عوام خوشحال رهي. بيان ۾ چيو ويو ته مملڪت ان ڳالهه جي به خواهشمند آهي ته هاڪاري قدمن سان ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي ٿيل ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿيو. سعودي پرڏيهي وزارت جنگبندي جي حوالي سان قطر ۽ ترڪيه طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو.








