فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولا سرڪوزي کي سزا کي ٻڌائي وئي

پيرس- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولا سرڪوزي کي جنهن 2007 کان 2012 تائين ملڪ جي صدارت سنڀالي، کي چونڊ مهم ۾ غير قانوني فنڊنگ جي ڪيس ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن کان پوءِ هو هاڻي پيرس جي سانتي جيل جي قيد خاني ۾ پنهنجي زندگي جا 5 سال گذاريندو. ميڊيا رپورٽن موجب 70 سالن جي اڳوڻي صدر کي سندس شهرت سبب …

پيرس- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولا سرڪوزي کي جنهن 2007 کان 2012 تائين ملڪ جي صدارت سنڀالي، کي چونڊ مهم ۾ غير قانوني فنڊنگ جي ڪيس ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن کان پوءِ هو هاڻي پيرس جي سانتي جيل جي قيد خاني ۾ پنهنجي زندگي جا 5 سال گذاريندو. ميڊيا رپورٽن موجب 70 سالن جي اڳوڻي صدر کي سندس شهرت سبب جيل عملدارن خاص حفاظتي وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي هن کي اهڙن قيدين سان گڏ رکيو ويندو جن کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڌار رکيو ويو آهي. پيرس جي هڪ عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سرڪوزي کي لبيا مان غير قانوني فنڊنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پنج سال قيد جي سزا ۽ هڪ لک يورو ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. واضع رهي ته اهي الزام پهريون ڀيرو مارچ 2011 ۾ سامهون آيا جڏهن معمر قذافي جي پٽ سيف الاسلام هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته لبيا سرڪوزي جي چونڊ مهم دوران مالي مدد ڪئي هئي ۽ هاڻي هو اها رقم واپس گهري رهيو آهي.