اسرائيلي جاسوس اسڪينڊل ۾ ملوث ايران جي پارليامنٽ جي اڳوڻي ميمبر کي قيد جي سزا

تهران- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ۾ سياسي ۽ عدالتي ادارن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي هڪ نئين مرحلي ۾ ايراني عدليه پارليامنٽ جي اڳوڻي ميمبر ۽ ”مردم سالاري“ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مصطفيٰ ڪوڪبيان کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن هن فرانسيسي يهودي ڄائي صحافي ڪيٿرين شڪدم بابت حسان الزام لاڳو ڪيا ويا هئا. عدالت ڪوڪبيان …

تهران- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ۾ سياسي ۽ عدالتي ادارن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي هڪ نئين مرحلي ۾ ايراني عدليه پارليامنٽ جي اڳوڻي ميمبر ۽ ”مردم سالاري“ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مصطفيٰ ڪوڪبيان کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن هن فرانسيسي يهودي ڄائي صحافي ڪيٿرين شڪدم بابت حسان الزام لاڳو ڪيا ويا هئا. عدالت ڪوڪبيان کي قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ان کي 4 سال لاءِ معطل به ڪيو ويو آهي. فيصلي ۾ اهو به شامل آهي ته هو ايندڙ ٻن سالن تائين ڪنهن به قسم جي ميڊيا سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. عدالت ان ميڊيا اداري جي ايڊيٽر تي به ڏنڊ لڳايو آهي، جنهن ڪوڪبيان جا تڪراري بيان شايع ڪيا هئا.