واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي) وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين تڪرار جي پر امن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو آهي ته صدر ٽرمپ امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو يوڪرين روس جي حوالي سان به اهو ئي جذبو رکي ٿو. ڪيرولين ليوٽ وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ …
صدر ٽرمپ يوڪرين جنگ جي پرامن حل لاءِ ڪوششون جاري رکندو: وائٽ هائوس
واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي) وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين تڪرار جي پر امن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو آهي ته صدر ٽرمپ امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو يوڪرين روس جي حوالي سان به اهو ئي جذبو رکي ٿو. ڪيرولين ليوٽ وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي آهي اسان اميد ڪيون ٿا ته اها صورتحال روس ۽ يوڪرين وچ ۾ پڻ ممڪن ٿئي ۽ صدر ٽرمپ ان لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته صدر ٽرمپ 16 آڪٽوبر تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 17 آڪٽوبر تي يوڪرين جي صدر سان ملاقات دوران واضح ڪيو ته اهو تڪرار ڊگهو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي آمريڪا جو صبر گهٽجي رهيو آهي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم” ٽروٿ سوشل“ تي چيو هو ته هن صدر زيلينڪسي سان تڪرار جي حل لاءِ معاهدو ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.








