ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ٽيپ بال پريميئر ليگ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور ٽيليفونڪ خطاب ڪندي گورنر چيو ته پي ٽي پي ايل پاڪستاني قوم جو جنون آهي.سنڌ جي گورنر شهزاده شِخ منصور بن آل سعود پاران پي ٽي پي ايل جي پرزنٽيشن تي پسنديدگي ۽ معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته پنهنجي ٽيم کي …
سنڌ جي گورنر پاران پاڪستان ٽيپ بال پريميئر ليگ جو افتتاح
ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ٽيپ بال پريميئر ليگ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور ٽيليفونڪ خطاب ڪندي گورنر چيو ته پي ٽي پي ايل پاڪستاني قوم جو جنون آهي.سنڌ جي گورنر شهزاده شِخ منصور بن آل سعود پاران پي ٽي پي ايل جي پرزنٽيشن تي پسنديدگي ۽ معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته پنهنجي ٽيم کي سعود عرب وٺي وينداسين ۽ سعودي ٽيم کي پاڪستان سڏائينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته آئون هن وقت اسلام آباد ۾ آهيان پر دل پي ٽي پي ايل جي تقريب ۾ موجود آهي. تقريب ۾ ناصر حسين شاهه، چيئرمين پاڪستان ٽيپ بال پريميئر ليگ زوهير نصير ،سينيئر نائب صدر هارون رشيد ،نائب صدر پي ٽي بي ايف سعديه شيخ ،صدر پي ٽي پي ايل جاويد ميانداد ،توصيف احمد ڪرڪيٽ سان وابسته رانديگر ۽ ٻيون ناليواريون شخصيتون به موجود هيون.












