ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته غربت جو خاتمو فقط هڪ سماجي تقاضا ناهي پر اسان جي قومي ۽ اخلاقي ذميداري به آهي. اڄوڪو ڏينهن سڄي دنيا ۾ انهن ماڻهن سان يڪجهتي جو ڏينهن آهي جيڪي غربت جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن. گورنر زور ڀريو ته غريب ۽ …
غربت جو خاتمو فقط هڪ سماجي تقاضا ناهي پر اسان جي قومي ۽ اخلاقي ذميداري به آهي: ڪامران خان ٽيسوري
ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته غربت جو خاتمو فقط هڪ سماجي تقاضا ناهي پر اسان جي قومي ۽ اخلاقي ذميداري به آهي. اڄوڪو ڏينهن سڄي دنيا ۾ انهن ماڻهن سان يڪجهتي جو ڏينهن آهي جيڪي غربت جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن. گورنر زور ڀريو ته غريب ۽ مستحق ڪٽنبن لاءِ پائيدار پاليسي سازي وقت جي اهم ضرورت آهي ته جئين سندن زندگين ۾ ڏور رس بهتري آڻي سگهجي. هن چيو ته ”گورنر انيشيٽيوز“ تحت مستحق ڪٽنبن ۾ راشن جي فراهمي جو سلسلو مستقل طور تي جاري آهي، جيڪو ان عزم جو مظهر آهي ته ڪو به فرد بنيادي ضرورتن کان محروم نه رهي. هن وڌيو چيو ته گورنر هائوس ۾ نوجوانن کي مفت آءِ ٽي تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي ته جئين هو پاڻڀرا بڻجي سگهن ۽ معاشي استحڪام لاءِ گڏيل طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جئين هڪ خوشحال ۽ برابري وارو معاشرو جوڙي سگهجي.












