آمريڪا جي قومي سلامتي واري اڳوڻي صلاحڪار جان بولٽن تي فرد جرم لاڳو

واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومتي دور ۾ قومي سلامتي جو صلاحڪار رهندڙ جان بولٽن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو هڪ مهيني کان گهٽ وقت ۾ ٽرمپ مخالف ڪنهن نمايان شخصيت تي ٽيون ڪيس آهي. وفاقي گرينڊ جيوري ميري لينڊ رياست جي ضلعي عدالت ۾ بولٽن تي 18 الزام لاڳو ڪيا، جن ۾ 8 الزام قومي دفاعي معلومات جي …

واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومتي دور ۾ قومي سلامتي جو صلاحڪار رهندڙ جان بولٽن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو هڪ مهيني کان گهٽ وقت ۾ ٽرمپ مخالف ڪنهن نمايان شخصيت تي ٽيون ڪيس آهي. وفاقي گرينڊ جيوري ميري لينڊ رياست جي ضلعي عدالت ۾ بولٽن تي 18 الزام لاڳو ڪيا، جن ۾ 8 الزام قومي دفاعي معلومات جي پهچ ۽ 10 الزام ان معلومات کي رکڻ بابت آهن. آمريڪي انصاف واري کاتي موجب بولٽن تي ”ڳجهي معملومات جي غلط استعمال بابت سنگين ڏوهه“ جو الزام آهي، بولٽن جي وڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته اڳوڻي سفير بولٽن ٻين ڪيترن ئي سرڪاري اهلڪارن وانگر ڊائري لکي هئي ڪو ڏوهه ناهي، اسان هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪنداسين ته هن ڪا معلومات غير قانوني طور تي شيئر يا محفوظ ناهي ڪئي. جان بولٽن پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو ته هو صدر ٽرمپ جي مبينه انتقامي مهم جو نشانو بڻجي رهيو آهي، جيڪو سندس سياسي مخالفن جي خلاف آهي، عدالتي رڪارڊ موجب هن سال جي شروعات ۾ ايف بي آءِ بولٽن جي ميري لينڊ ۾ واقع گهر ۽واشنگٽن ڊي سي جي آفيس تي ڇاپو هنيو هو،جتان کان ”خفيه“، ”سيڪريٽ“ ۽ ”ڪانفيڊينشل“ مارڪ ٿيل ڪيترائي دستاويز هٿ آيا، اهو تازو فرد جرم ان وقت سامهون آيو جڏهن ان کان اڳ ايف بي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جيمز ڪومي ۽ نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيشيا جيمز تي به اوڀر ورجينيا جي ضلعي عدالت ۾ الزام لاڳو ڪيا هئا. ياد رهي ته جان بولٽن انتظاميه ڇڏڻ کانپوءِ صدر ٽرمپ جو مخالف آهي ۽ کيس ”صدارت لاءِ نااهل “ قرار ڏئي چڪو آهي.