جاپان ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ 21 آڪٽوبر تي ٿيندي

ٽوڪيو -17 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي حڪمران ۽ اپوزيشن پارٽين جمعي  تي اتفاق ڪيو آهي ته موجوده وزيراعظم شيگير واشيبا جي جاءِ تي نئين  وزيراعظم جي چونڊ 21 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق حڪمران لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي(ايل ڊي پي) ۽ مرڪزي اپوزيشن پارٽي ڪانسٽيٽيوشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف جاپان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي پارليامينٽ جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي نئين وزيراعظم جي …

ٽوڪيو -17 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي حڪمران ۽ اپوزيشن پارٽين جمعي  تي اتفاق ڪيو آهي ته موجوده وزيراعظم شيگير واشيبا جي جاءِ تي نئين  وزيراعظم جي چونڊ 21 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق حڪمران لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي(ايل ڊي پي) ۽ مرڪزي اپوزيشن پارٽي ڪانسٽيٽيوشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف جاپان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي پارليامينٽ جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي ويندي.ياد رهي ته شيگير واشيبا وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.