منيلا - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) فلپائن جي صوبي سوريگائودل نورٽي ۾ جمعي ڏينهن صبح جو 6.2 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق صبح جو 7:03 منٽن تي (2303 جي ايم ٽي ) تي آيو جنهن جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي جنهن جو مرڪز جنرل لونا جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو. زلزلو ماپ ڪندڙ اداري پاران …
فلپائن ۾ 6.2 جي شدت جو زلزلو
منيلا – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) فلپائن جي صوبي سوريگائودل نورٽي ۾ جمعي ڏينهن صبح جو 6.2 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق صبح جو 7:03 منٽن تي (2303 جي ايم ٽي ) تي آيو جنهن جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي جنهن جو مرڪز جنرل لونا جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو. زلزلو ماپ ڪندڙ اداري پاران زلزلي کان پوءِ وارن لوڏن ۽ امڪاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. واضع رهي ته زلزلي جا لوڏا مينڊانا جي ويجهڙائي وارن علائقن ۽ مرڪزي فلپائن ۾ به محسوس ڪيا ويا. فوري طور تي زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.








