لاڙڪاڻو-17 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس رحمتپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي گھٽين ۽ پاڙن مان چوري ڪندڙ (07) ڄڻن جي گينگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان لوھي سريا ۽ مختلف قسمن جون چاٻيون هٿ ڪيون ويون آهن. گرفتار جوابدارن ۾ دربان گاڏھي، سجاد دايو، اسد ڪلهوڙو، احمد ٿيٻو، علي رضا ٿيٻو، ياسين ڪلهوڙو ۽ عبد الجبار چانڊيو شامل آهن. گرفتار جوابدارن کان جاچ سميت وڌيڪ …
لاڙڪاڻو پوليس هٿان 7 ڄڻن جي ڏوهاري گينگ گرفتار
لاڙڪاڻو-17 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس رحمتپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي گھٽين ۽ پاڙن مان چوري ڪندڙ (07) ڄڻن جي گينگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان لوھي سريا ۽ مختلف قسمن جون چاٻيون هٿ ڪيون ويون آهن. گرفتار جوابدارن ۾ دربان گاڏھي، سجاد دايو، اسد ڪلهوڙو، احمد ٿيٻو، علي رضا ٿيٻو، ياسين ڪلهوڙو ۽ عبد الجبار چانڊيو شامل آهن. گرفتار جوابدارن کان جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروائيون جاري آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري لاڳاپيل پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي ڏوھن ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاري ڪارروائين ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.












