پئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي حڪومت چيو آهي ته برطانيه سان گڏجي آمريڪي سهڪار سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ قرارداد کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جيڪا غزه ۾ مستقبل جي عالمي فورس جي مقرري جو بنياد رکندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن سينئر آمريڪي صلاحڪارن ٻڌايو ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ بندي سان فلسطيني علائقي ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي مستحڪم …
غزه ۾ عالمي فورس جي مقرري لاءِ قرارداد تي ڪم جاري آهي: فرانس
پئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي حڪومت چيو آهي ته برطانيه سان گڏجي آمريڪي سهڪار سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ قرارداد کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جيڪا غزه ۾ مستقبل جي عالمي فورس جي مقرري جو بنياد رکندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن سينئر آمريڪي صلاحڪارن ٻڌايو ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ بندي سان فلسطيني علائقي ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ عالمي فورس جي مقرري جي منصوبابندي شروع ٿي وئي آهي. فرانس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اهڙي فورس کي گڏيل قومن جي مينڊيٽ جي ضرورت آهي ته جيئن ان کي عالمي قانون ۾ مضبوط بنياد فراهم ڪري سگهجي ۽ ملڪن کان ممڪن تعاون حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته فرانس پنهنجي حصيدارن سان گڏجي هڪ اهڙي عالمي مشن جي قيام تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منظوري ذريعي باضابطه شڪل ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان قرارداد جي تجويز لاءِ خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيه سان ڳالهيون جاري آهن. فرانس 10 آڪٽوبر تي ٻين يورپي ۽ عرب طاقتن سان گڏ ڳالهين جي ميزباني ڪئي ته جيئن عالمي فورس سميت غزه ۾ جنگ کانپوءِ انتظامي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. سفارتڪارن چيو ته غزه ۾ عالمي فورس گڏيل قومن جي هڪ باضابطه امن فوج نه هوندي جنهن لاءِ عالمي ادارو رقم ادا ڪري ٿو، ان بدران سلامتي ڪائونسل هيٽي ۾ هٿياربند گروهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قرارداد ذريعي مقرري ڪئي وئي.








