واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهتر معاشي نظم و ضبط، مالياتي ۽ پرڏيهي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ اثرائتن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ موقعا موجود آهن، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جا معاهدا ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري سان حڪومت جي …
آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو، ريٽنگ ايجنسين جي درجابندي ۾ بهتري حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي عالمي اعتماد جي عڪاسي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب
واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهتر معاشي نظم و ضبط، مالياتي ۽ پرڏيهي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ اثرائتن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ موقعا موجود آهن، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جا معاهدا ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري سان حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ايف بي آر سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. اهڙو اظهار هن عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي مختلف ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن، اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي اهتمام هيٺ منعقد سيمينار ۽ تقريبن کي خطاب دوران ڪيو. عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ناڻي واري وزير چين جي ناڻي واري نائب وزير ليامِن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اقتصادي سڌارن ۽ ٻطرفن تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ناڻي واري وزير چيني هم منصب کي تازو ئي آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل اسٽاف ليول معاهدي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهو معاهدو حڪومت پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو ثبوت آهي. ناڻي واري وزير چين جي مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ بابت تازي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي نيو ڊولپمينٽ بئنڪ ۾ ميمبرشپ لاءِ چين جي حمايت جي درخواست به ڪئي. ناڻي واري وزير چين جي ناڻي واري نائب وزير کي ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي بابت حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. هن بورڊ جي گڏجاڻين دوران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي آفيس جو ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير چين جي ناڻي واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، ناڻي واري وزير آمريڪي ڪانگرنس جي ميمبر ۽ فنانشل سروسز ڪميٽي جي چيئرمين فرنچ هل سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين پاڪ آمريڪا اقتصادي ۽ مالياتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ خاص طور تي مالياتي خدمتن جي ڊجيٽلائيزيشن، نئين معيشت جي ترقي، معدنيات جي شعبي ۾ حصيداري ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ وسيع تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين پائيدار معاشي ترقي ۽ جدت تي ٻڌل حصيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر جي خاص نمائندي لطفي وائي صديقي سان به ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آگسٽ 2025ع ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم جي ڍاڪا جي دوري جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ نجي شعبي جي قيادت تي زور ڀريو ۽ چيو ته سرڪاري شعبي جي ذميواري سيڙپڪاري ۽ جدت لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ملاقات دوران ڌرين انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي گيم چينجر طور حيثيت تي اتفاق ڪيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ٽي جو شعبو تعليم يافته نوجوانن لاءِ معياري روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿو. ناڻي واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي به زور ڀريو. وفاقي وزير جي پي مورگن انويسٽمينٽ سيمينار کي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شرڪت ڪندڙن کي مالياتي، مانيٽري پاليسي ۽ پرڏيهي شعبن ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته معيشت جي اهم اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي، ملڪي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻوڪي طئي ٿيل اسٽاف ليول معاهدي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي ٻي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي جي پهرين جائزي بابت آهي. هن ملڪي معيشت جي مثبت رجحانن جو ذڪر ڪندي چيو ته بهتر معاشي نظم ۽ ضبط، مالياتي ۽ پرڏيهي استحڪام ۽ موثر سڌارن وارن قدمن جي نتيجي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير ان موقعي تي سيڙپڪارن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. ناڻي واري وزير جاپان جي عالمي تعاون بابت بئنڪ جي گورنر نوبو ميتسو هاياشي سان ملاقات ۾ ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ قرض ڏيندڙن جي گروپ ۾ جاپان جي عالمي تعاون بابت بئنڪ جي شموليت جي باضابطه اعلان کي ساراهيو. هن چيو ته ان قدم سان جاپاني ڪاروباري طبقن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان مثبت پيغام ملندو. ناڻي واري وزير ملاقات دوران آءِ ايم ايف سان ويجهڙ ۾ ئي ڪيل اسٽاف ليول معاهدي جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو ثبوت آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ تعاون جي ٻين امڪاني شعبن کي به گڏيل طور تي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير حڪومت جي پائيدار معاشي استحڪام ۽ سڌارن جي عزم کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي ۽ فورم کي جدت ذريعي پائيدار ۽ جامع ترقي کي پنهنجي خطاب جو موضوع بڻايو. اجلاس ۾ جدت ذريعي جامع ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي بحث ڪيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي خطاب ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي کي شموليت ۽ استحڪام تي ٻڌل حڪمت عملين سان جوڙڻ تي زور ڀريو. هن شرڪت ڪندڙن کي فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ جاري سڌارن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايف بي آر سڌارن ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نگراني جي نظام سان ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته ڏٺو ويو آهي ته مصنوعي ذهانت جي استعمال سان اسرندڙ ملڪن ۾ ننڍن آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته مختلف شعبن ۾ خدمتن جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي.








