اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سان واپار کوليو، افغاني واپاري پنهنجي حڪومت تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. تفصيل موجب افغانستان جو عوام پاڪستان سان تازيون حالتون خراب ڪرڻ تي پنهنجي طالبان حڪومت خلاف ٿي بيٺا. چار ڏينهن ۾ ئي واپاري گذرگاهون بند ٿيڻ تي افغانين ان کي کولڻ جون درخواستون شروع ڪري ڇڏيون آهن. افغان واپارين چيو ته طورخم بارڊر تي ڪجهه ڏينهن حالتون ٺيڪ ناهن، ٻنهي طرفان بارڊرز …
پاڪستان سان واپار کوليو، افغان واپارين پاران پنهنجي حڪومت تي ڪاوڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سان واپار کوليو، افغاني واپاري پنهنجي حڪومت تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. تفصيل موجب افغانستان جو عوام پاڪستان سان تازيون حالتون خراب ڪرڻ تي پنهنجي طالبان حڪومت خلاف ٿي بيٺا. چار ڏينهن ۾ ئي واپاري گذرگاهون بند ٿيڻ تي افغانين ان کي کولڻ جون درخواستون شروع ڪري ڇڏيون آهن. افغان واپارين چيو ته طورخم بارڊر تي ڪجهه ڏينهن حالتون ٺيڪ ناهن، ٻنهي طرفان بارڊرز بند آهي، طورخم بارڊر جي بندش سان وڌيڪ نقصان افغانستان جي عوام جو ٿي رهيو آهي، طورخم بارڊر جي بندش سان تقريبن 10 هزار جي ويجهو گاڏين جو سامان خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. افغان واپارين چيو آهي ته اسان پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا ته پاڙيسري حقن جي ناتي طورخم بارڊر کي کولي ڇڏين.











