لاهور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وڪيل برادري جو جمهوري عمل پاڪستان جي سياسي مستقبل جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هو ڪالهه هتي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن جي موقعي تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته بار مان اهڙا اڳواڻ سامهون اچن ٿا جيڪي ملڪ جي نمائندگي …
وڪيل برادري جو جمهوري عمل پاڪستان جي سياسي مستقبل جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو: رانا مشهور احمد خان

مزید خبریں
لاهور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وڪيل برادري جو جمهوري عمل پاڪستان جي سياسي مستقبل جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هو ڪالهه هتي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن جي موقعي تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته بار مان اهڙا اڳواڻ سامهون اچن ٿا جيڪي ملڪ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ قومي سطح تي هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيستائين شفاف جمهوري عمل جاري رهندو تيستائين ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن رهندو. سندس چوڻ هو ته بار ايسوسيئيشن جون چونڊون ملڪ جو هڪ وڏو جمهوري پليٽ فارم آهن جتي هر سال وڪيل پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪن ٿا، هن سال پڻ بار جون چونڊون نهايت اهميت رکندڙ آهن. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن ”بنيان المرصوص“ کانپوءِ پاڪستان کي عالمي سطح تي تمام سٺي موٽ ملي رهي آهي، جڏهن ته ان جي باوجود ملڪ دشمن قوتون سازشن ۾ مصروف آهن. رانا مشهود ان عزم جو اظهار ڪيو ته وڪيلن جي جدوجهد ۽ بارز جو جمهوري عمل ائين ئي جاري رهڻ گهرجي، ان تسلسل سان ملڪ کي باصلاحيت قيادت ميسر اچي ٿي.











