چين پاران پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جي آجيان

بيجنگ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ۽ ان جي حمايت ڪري ٿو. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان ڪالهه معمول واري بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته چين ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي جنگبندي جي فيصلي کي نوٽ ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميري ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جي ڪوششن جي …

بيجنگ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ۽ ان جي حمايت ڪري ٿو. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان ڪالهه معمول واري بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته چين ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي جنگبندي جي فيصلي کي نوٽ ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميري ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اهي قدم ٻنهي ڌُرين جي گڏيل مفادن ۾ آهن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ معاونت ثابت ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي چين جا دوست ۽ ويجها پاڙيسري ملڪ آهن. چين ٻنهي تي زور ڀريو آهي ته هو برداشت ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن، مڪمل ۽ پائيدار جنگبندي طرف وڌن، ڳالهين ۽ صلاح مشوري ذريعي اختلافن کي حل ڪن ۽ سياسي مفاهمت جي رستي تي واپس اچن ته جيئن ۽ پوري خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.