پاڪستان پيپلزپارٽي اتحادي پارٽي آهي جنهن سان لاڳاپن کي احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي اتحادي پارٽي آهي جنهن سان لاڳاپن کي احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي اتحادي پارٽي آهي جنهن سان لاڳاپن کي احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سينيٽر شيري رحمان، نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ سيد علي قاسم گيلاني شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي جنهن سان لاڳاپن کي اسان احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وفد غزه امن معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان پڻ موجود هئا.

مزید خبریں