اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه امن معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ مظلوم فلسطينين جو آواز عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان اٿارڻ تي سمورن مسلمان ملڪن ۽ خاص طور تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم اسڪالرز …
وزيراعظم سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم اسڪالرز آرگنائيزيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه امن معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ مظلوم فلسطينين جو آواز عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان اٿارڻ تي سمورن مسلمان ملڪن ۽ خاص طور تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم اسڪالرز آرگنائيزيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي سيڪريٽري جنرل کي ڀليڪار ڪيو ۽ سندس مدبراڻي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مسلم ورلڊ ليگ عالمي سطح تي اسلام جي حقيقي تشخص کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمان دنيا جي گڏيل مقصدن جي وڪالت جي حوالي سان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ مسلم ورلڊ ليگ سڀ کان اڳتي رهي آهي. هن چيو ته هن سال مسلم ورلڊ ليگ جي تعاون سان مسلمان دنيا جي عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده هو، مستقبل ۾ اهڙي طرح جون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۾ پاڪستان هر ممڪن تعاون ڪندو. وزيراعظم ملاقات ۾ پاڪستان جي سعودي عرب سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي خادم الحرمين الشريفين سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم غزه امن معاهدي ۾ شاندار ۽ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ مظلوم فلسطينين جو آواز عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان اٿارڻ تي سمورن مسلمان ملڪن خاص طور تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هئا.











