اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان علائقائي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان علائقائي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم سعودي عرب جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











