وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ماربل ۽گرينائيٽ سيڪٽر جي امڪاني معاهدي تي تفيصلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ تعاون سان ماربل انڊسٽري ۾ نوان رخ متعارف ٿيندا جنهن سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيت ۾ واڌ …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ماربل ۽گرينائيٽ سيڪٽر جي امڪاني معاهدي تي تفيصلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ تعاون سان ماربل انڊسٽري ۾ نوان رخ متعارف ٿيندا جنهن سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيت ۾ واڌ ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته رسالپور ۾ ماربل سٽي جي قيام لاءِ زمين مختص ڪئي وئي آهي،جيڪا ان صنعت جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. هارون اختر خان چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت اٽلي سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ماربل سيڪٽر ۾ عالمي معيار لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ماربل ۽ گرينائيٽ منصوبي کي جوائنٽ اڪنامڪ ڪميٽي (جي اي سي) 2025ع ۾ ترجيحي بنياد تي شامل ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعتي تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. هارون اختر خان لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته هو ماربل ۽ گرينائيٽ سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ لاءِ تفصيلي سفارشون تيار ڪري انهن کي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن.

مزید خبریں