بهتر قدمن سان پاڪستان جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج انڊيڪس ۾ مسلسل بهتري آئي آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام تحت بنيادي ۽ ڪميونٽي سطح تي ضروري قدمن جو پئڪيج تيار ڪيو آهي، بهتر قدمن جي ڪري پاڪستان جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج انڊيڪس ۾ مسلسل بهتري آئي آهي. اهڙو اظهار  هن قاهره ۾ صحت واري عالمي اداري جي 72 هين اوڀر رومي سمنڊ جي علائقائي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام تحت بنيادي ۽ ڪميونٽي سطح تي ضروري قدمن جو پئڪيج تيار ڪيو آهي، بهتر قدمن جي ڪري پاڪستان جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج انڊيڪس ۾ مسلسل بهتري آئي آهي. اهڙو اظهار  هن قاهره ۾ صحت واري عالمي اداري جي 72 هين اوڀر رومي سمنڊ جي علائقائي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ موثر قدم جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ تياري ۽ فوري رد عمل جي صلاحيت کي بهتر بڻايو آهي جنهن ۾ ملڪي سيڙپڪاري ۽ حصيداري جي تعاون اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پاڪستان پختو عزم ڪري رکيو آهي، 4 ڪروڙ 50 لک ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ جي ڀرپور مهم جاري آهي. هن چيو ته موثر نگراني جو نظام ۽ جامع ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گلوبل پوليو اريڊيڪيشن انيشيئيٽو جي حصيدارن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته حڪومت 35-2026ع جي نيشنل هيلٿ اينڊ پاپوليشن پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، ويڪسين جي مقامي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ قدم جاري آهن، انهن ۾ ٽيلي ميڊيسن سميت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو ضم ٿيڻ ۽ ”هڪ مريض، هڪ سڃاڻپ“ جهڙا قدم شامل آهن. ان کانسواءِ موثر ڊيٽا مينيجمينٽ ۽ يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته صحت واري عالمي اداري کي گهرجي ته هو فني مدد ۽ هم آهنگي لاءِ پنهنجو قائداڻو ڪردار جاري رکي.

مزید خبریں