غزه جي نئين سر تعمير ۽ نوجوانن جي تعليم جي بحالي وڏا چئلينجز آهن: ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته غزه جي نئين سر تعمير ۽ نوجوانن جي تعليم جي بحالي وڏا چئلينجز آهن، ڪامسٽيڪ فلسطيني شاگردن لاءِ 5000 فيلوشپس جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن او آءِ سي ڪامسٽيڪ جي انتظام هيٺ پهرين فلسطين پاڪستان وائس چانسلرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، ان جو مقصد غزه ۾ …

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته غزه جي نئين سر تعمير ۽ نوجوانن جي تعليم جي بحالي وڏا چئلينجز آهن، ڪامسٽيڪ فلسطيني شاگردن لاءِ 5000 فيلوشپس جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن او آءِ سي ڪامسٽيڪ جي انتظام هيٺ پهرين فلسطين پاڪستان وائس چانسلرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، ان جو مقصد غزه ۾ تباه ٿيل تعليمي ۽ تحقيقي ڍانچي جي بحالي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ تعليم ۽ سائنس تحقيق ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو. خاص مهمان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو فورم غزه جي نئين سر تعمير ۽ نوجوانن جي تعليمي بحالي لاءِ هڪ تاريخي قدم آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪامسٽيڪ طرفان فلسطيني شاگردن لاءِ 5000 فيلوشپس جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، جڏهن ته غزه ۾ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ بي ايل ايس ۽ ٽراما مينيجمينٽ ڪورسز سميت فني تربيتي پروگرامز به شروع ڪيا ويندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان صرف يڪجهتي جو اظهار نه ڪري رهيو آهي پر تحقيق، جدت ۽ تعليم ذريعي فلسطيني ڀائرن جي عملي مدد به ڪري رهيو آهي. تقريب کي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري به خطاب ڪيو. فورم ۾ فلسطيني يونيورسٽين جي وائس چانسلرن، پاڪستاني يونيورسٽين جي سربراهن ۽ اعليٰ حڪومتي ۽ سفارتي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻطرفو سهڪار وڌائڻ، گڏيل تحقيقي منصوبن ۽ تعليمي مٽا سٽا بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں