پشاور هاءِ ڪورٽ پاران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت منظور

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ۽ ڪنهن به داخل ڪيس ۾ سندس گرفتاريءَ کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس نعيم انور تي ٻَڌل بينچ اهو فيصلو سهيل آفريدي طرفان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻُڌڻيءَ دوران ڪيو. عدالت …

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ۽ ڪنهن به داخل ڪيس ۾ سندس گرفتاريءَ کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس نعيم انور تي ٻَڌل بينچ اهو فيصلو سهيل آفريدي طرفان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻُڌڻيءَ دوران ڪيو. عدالت حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو وڏي وزير خلاف سمورن داخل ڪيسن جا مڪمل تفصيل عدالت ۾ پيش ڪري. ٻُڌڻيءَ دوران جسٽس اعجاز انور پُڇاڻو ڪيو ته وڏو وزير ڪنهن ايف آءِ آر ۾ گهربل آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته اسان کي پاڻ به معلوم ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته وڏو وزير سهيل آفريدي جلد ئي پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات ڪرڻ وارو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته وڏو وزير جلد ئي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي، تنهنڪري سندس گرفتاري روڪڻ جو حڪم اڻٽر آهي. عدالت آئينده ٻُڌڻي تائين سهيل آفريدي کي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکندي سمورو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

مزید خبریں