پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته صوبائي ڪابينه جي فهرست مشاورت کانپوءِ ئي فانئل ڪئي ويندي. پشاور هاءِ ڪورٽ پهچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ميڊيا رپورٽن ۾ گردش ڪندڙ امڪاني ڪابينه جي فهرست کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته اصل فهرست مشاورت کانپوءِ ئي فائنل ڪئي ويندي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته …
ڪابينه جي ميمبرن جي فهرست مشاورت کانپوءِ ئي فائنل ڪئي ويندي: وڏو وزير

مزید خبریں
پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته صوبائي ڪابينه جي فهرست مشاورت کانپوءِ ئي فانئل ڪئي ويندي. پشاور هاءِ ڪورٽ پهچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ميڊيا رپورٽن ۾ گردش ڪندڙ امڪاني ڪابينه جي فهرست کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته اصل فهرست مشاورت کانپوءِ ئي فائنل ڪئي ويندي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته پارٽي معاملا ۽ ڪابينه جي جوڙجڪ جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني کان سڌيءَ ريت هدايتون وٺڻ چاهيون ٿا ته جيئن آئينده جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هن چيو ته هو صوبي جي عوام جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ سندس باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرڻ ضروري آهي.











