گڏيل قومون- 16 آڪٽوبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل فارهيومينيٽيرين افيئرز اينڊ ايمرجنسي رليف جي ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۾ ڦاٿل فلسطينن لاءِ انساني امداد جي رسد کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ سرحدي رستا کولي. هن چيو ته شهرين کي امداد جي فراهمي ڪا سياسي مفاهمت ناهي پر هڪ ”قانوني ذميواري“ آهي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته شرم الشيخ ۾ عالمي …
غزه ۾ ڦاٿل شهرين کي امداد جي فراهمي قانوني ذميواري آهي، اسرائيل غزه ڏانهن ويندڙ وڌيڪ رستا کولي: گڏيل قومون
گڏيل قومون- 16 آڪٽوبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل فارهيومينيٽيرين افيئرز اينڊ ايمرجنسي رليف جي ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۾ ڦاٿل فلسطينن لاءِ انساني امداد جي رسد کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ سرحدي رستا کولي. هن چيو ته شهرين کي امداد جي فراهمي ڪا سياسي مفاهمت ناهي پر هڪ ”قانوني ذميواري“ آهي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته شرم الشيخ ۾ عالمي اڳواڻن طرفان آمريڪا جي قيادت ۾ امن منصوبي جي توثيق جي صرف ٻن ڏينهن کانپوءِ اهو هڪ نازڪ پر اميد افزا لمحو آهي، هن چيو ته فلسطيني، اسرائيلي ۽ سڄي خطي جو عوام امن جي قيام جو خواهشمند آهي، ان لاءِ معاهدن تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي. هن جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي امدادي سرگرمين ۾ هاڻي ڪيترن مهينن جي رڪاوٽن کانپوءِ ڪجهه اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ غذائي سامان، دوائن، ٻارڻ، پاڻي، گئس ۽ خيما محدود پئماني تي متاثر ماڻهن تائين پهچڻ لڳا آهن، پر اهو عمل هاڻي به ناڪافي آهي ۽ نئين رڪاوٽن ان نازڪ اڳڀرائي کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو امدادي ٽرڪن جي ”هزارن جي انگ“ ۾ رسائي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته اضافي سرحدي رستا کولڻ ۽ باقي رڪاوٽون ختم ڪرڻ زندگي بچائڻ لاءِ اڻٽر آهن. هن واضح ڪيو ته امداد جي فراهمي هڪ قانوني فرض آهي ۽ اسان پنهنجي امدادي سرگرمين ۾ ڪا مداخلت کي قبول نه ڪنداسين.








